peoplepill id: shabiran-channa
SC
Pakistan
12 views today
12 views this week
Shabiran Channa
Sindhi TV actress

Shabiran Channa

The basics

Quick Facts

Intro
Sindhi TV actress
Places
Gender
Female
Place of birth
Larkana, Larkana District, Larkana Division, Pakistan; Pakistan
Place of death
Karachi, Sindh, Pakistan
Age
65 years
The details (from wikipedia)

Biography

"شبيران چنا" (انگريزي ٻولي: Shabira Channa) سنڌ جي نامياري اداڪارا هئي. هن مختلف ٽي وي ڊرامن ۽ ٽيلي فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي.

جيون چرتر

شبيران چنا، 15 جنوري 1958ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ شاهنواز چنو جي گهر ۾ جنم ورتو.

ذاتي زندگي

شبيرانجو مڙس محمد حسين، پوليس کاتي ۾ ملازم هو. کيسپنج نياڻيون؛ عاليه چنا، ناديه حسين، ساديه حسين، شازيه حسين ۽ تانيه حسين آهن ۽ ٽيپٽ؛ ’نويد حسين، سجاد حسين ۽ جواد حسين‘ آهن. هوءَ پنهنجي ڪٽنب سميت ڪراچيءَ ۾ رهندي هئي.

تعليم

شبيران انٽر تائين تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي.

نوڪري

شبيران پرائمري استاد پڻ رهي، هن 32 سال تعليم کاتي ۾ خدمتون ڏنيون، جنهن ۾ ٽي سال لاڙڪاڻي ۾ ۽ 29 سال ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪيائين.

فني ڪيريئر

شبيران چنا

چنا فن جي دنيا ۾ 1987ع ۾ پير پاتو. پي ٽي وي تي سندس پهريون سولو پلي ’ڇوڏو‘ هو، جنهن جو پروڊيوسر بيدل مسرور هو.هن لڳ ڀڳ 500 ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي. سندس مشهور ڊرامن ۾: ’سوال‘، ’ڪونج‘، ’ڳاڙهي‘، ’زنجيرون‘، ’پٿر دنيا‘، ’نصيب‘، ’رواج‘، ’قسمت‘، ’روڳ‘ ۽ ٻيا شامل آهن. سنڌ جا ماڻهو کيس اصل نالي بدران ڪلاڪاري نالي ’خيران‘، ’مرادان‘ وغيره سان ياد ڪن ٿا. سندس ناٽڪ ڊايلاگ”خيران جي سر جو خير هجي“ مشهور آهي.

شبيران چنا مختلف فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ ”سنڌو ڪناري“، ”پوتي ۽ پڳ“، ”نصيب“، ”خيران ڌاڙيل“، ”خيران جو بدلو“ ۽ ٻيون شامل آهن.

لاڏاڻو

شبيران چنا 14 مئي 2023 تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. سندس جنازي نماز جوهر چورنگي لڳ جوهر اسڪوائر ۾ ڪئي وئي جڏهن ته مڙهه کي بلال ڪالوني، ڪورنگي جي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

لاڏاڻي کان پهرين عيدالفطر دوران هوءَ پنهنجي ڪٽنب سميت ڳوٺ ۾ وڃي رهي هئي ته سندن گاڏيءَ سان قاضي احمد ڀرسان سڪرنڊ شگر ملز ويجهو روڊ حادثو ٿيو جنهن ۾ شبيران چنا ۽ سندس ڌيئر پڻ گهايل ٿيون هيون. تعلقه اسپتال قاضي احمد ۾ ابتدائي علاج بعد کيس نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال ۾ علاج لاءِ موڪليو ويو، جتان کيس ڪراچيءَ علاج جي لاءِ نيو ويو.

حوالا

  1. "چنا شبيران : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  2. "Shabira Channa". IMDb. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  3. "آپا شبيران چنه لاڏاڻو ڪري وئي،وڏي وزير سميت ٻين جي تعزيت". Daily Sindhyar. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  4. "Sindhi actor Shabira Channa passes away in Karachi". Dunya News. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  5. "سندھی ڈراموں کی اداکارہ شبیراں چنہ ٹریفک حادثے میں انتقال کر گئیں -". dailysubnews.com. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  6. "سنڌ جي ناليواري فنڪارا شبيران چنا لاڏاڻو ڪري وئي - Awami Awaz" (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2023-05-16. 
  7. "ليجنڊ اداڪارا شبيران چنا جي ڪراچي ۾تدفين، ماحول سوڳوار - Awami Awaz" (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2023-05-16. 
  8. Tunio, Aftab. "سنڌ جي ناليواري اداڪارا شبيران چنا جي جنازي نماز اڄ ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي". www.awaztv.tv. حاصل ڪيل 2023-05-16. 
  9. tv, Sindh. "قاضي احمد ڀرسان روڊ حادثو، اداڪارا شبيران چنا ۽ سندس ٻه ڌيئرون زخمي". SindhTvNews. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  10. Moderator, The Time News. "سنڌ جي ناليواري اداڪارا شبيران چنا ٻن نياڻين سميت حادثي جو شڪار". The Time News. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  11. "قاضي احمد ۾ روڊ حادثو: سنڌي ڊرامن جي مشهور آرٽسٽ شبيران چنا سميت 3 ڄڻا زخمي". https://onlineindus.com. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  12. Moderator, The Time News. "ناليواري اداڪارا شبيران چنا جي طبيعت ۾ اڃا سڌارو نه آيو". The Time News. حاصل ڪيل 2023-05-15. 
  13. "سنڌي ۽ اردو ٻولي جي اداڪاره شبيران چنا جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو". وائيس آف سنڌ (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2023-05-15. 
The contents of this page are sourced from Wikipedia article. The contents are available under the CC BY-SA 4.0 license.
Lists
Shabiran Channa is in following lists
comments so far.
Comments
From our partners
Sponsored
Credits
References and sources
Shabiran Channa
arrow-left arrow-right instagram whatsapp myspace quora soundcloud spotify tumblr vk website youtube pandora tunein iheart itunes