peoplepill id: sarfaraz-rajar
SR
3 views today
3 views this week
Sarfaraz Rajar

Sarfaraz Rajar

The basics

Quick Facts

Gender
Male
Age
72 years
Education
University of Sindh
The details (from wikipedia)

Biography

سرفراز راڄڙ (انگريزي ٻولي: Sarfaraz Rajar) ضلعي سانگهڙ جي کپري تعلقي ۾ سنڌ جي صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ رحه جي گهراڻي حاجي نور محمد راڄڙ جي گهر کاڻي راڄڙ ۱۹۵۲-۰۳-۰۱ تي ڄائو. هو شاعر ۽ اديب آهي. هن مهل هو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ اعزازي چيئرمين طور ڪم ڪري رهيو آهي.

ننڍپڻ ۽ تعليم

پاڻ پرائمري جا پنج درجا ۽ ميٽرڪ، کپرو مان پاس ڪرڻ بعد، انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائون ۽ ۱۹۸۳ع۾ ماسٽرس سنڌي ادب ۽ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي.

ادبي سفر

لکڻ ۽ پڙهڻ سان چاهه هئڻ ڪري پاڻ هن وقت تائين ۳ ڪتاب مارڪيٽ ۾ آڻي چڪو آهي. جنهن ۾ ڪتاب؛ نينهن ساڳيو، نگاهون ساڳيون، سنڌي ٻولي ۾ لکيائون ۽ هڪ اردو ٻولي ۾ ايک سفر اور پڻ لکيو اٿن. جڏهن ته هڪ ڪتاب انگريزي ٻولي ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو تي لکيل آهي. اڃا ٻه ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن. جن ۾ هڪ ڪتاب؛ ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ ۽ ٻيو ڪتاب سندس لکيل ڪالمن تي مبني آهي، جيڪي جلد مارڪيٽ ۾ اچڻ وارا آهن.

سياسي سفر

سرفراز راڄڙ سياست جي شروعات ميٽرڪ جي زماني کان ڪئي. ان وقت کپري جو پهريون شخص ھو جنهن صدر ايوب خلاف تحريڪ هلائي ۽ شاگردن کي باقاعده هڪ پيلٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا. جنهن بعد جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو هو. ان وقت پاڻ پيپلز پارٽي جو سانگهڙ ضلعي ۾ بنياد وجهندڙن مان هو ۽ کپرو تعلقي جو پهريون جنرل سيڪريٽري ٿيو هو. جنهن بعد ۱۹۷۱ع جوائنٽ سيڪريٽري پ پ ضلعي سانگهڙ ٿيو. ان بعد ذوالفقار علي ڀٽي کيس جنرل سيڪريٽري پيپلز پارٽي سانگهڙ رکيو. سال ۱۹۹۸ع۾ محترمه بينظير ڀٽو، سرفراز راڄڙ جي ڪيل محنتن ۽ وفادارين کي ڏسي پاڻ وٽ گهرائي، پ پ ڪلچر سنڌ جو صدر مقرر ڪيو. پاڻ سانگهڙ ضلعي جو قائم مقام پ پ صدر به رهيا. سرفراز راڄڙ ۱۹۹۰ع پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي کپرو جي صوبائي سيٽ تي اليڪشن لڙيو ۽ ٻه ڀيرا ۲۳۵ اين اي سانگهڙ تي پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جي سيٽ تي چونڊ پڻ وڙهيو. سرفراز راڄڙ جون پيپلز پارٽي لاءِ وڏيون قربانيون آهن ۽ پاڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾15-5-2015 کان 14-10-2016 تائين اعزازي چيئرمين رهيو.

حوالا

حوالا

The contents of this page are sourced from Wikipedia article. The contents are available under the CC BY-SA 4.0 license.
Lists
Sarfaraz Rajar is in following lists
comments so far.
Comments
From our partners
Sponsored
Credits
References and sources
Sarfaraz Rajar
arrow-left arrow-right instagram whatsapp myspace quora soundcloud spotify tumblr vk website youtube pandora tunein iheart itunes