Mir Muhammad Soomro
Quick Facts
Biography
مير محمد سومرو (انگريزي ٻولي: Mir Muhammad Soomro) (پيدائش 3 جون ، 1946ع) سنڌ سان تعلق رکندڙ حال حيات پاڪستاني شاعر، مورخ، مفسرِ قرآن، عالم دين، محقق، معلم ۽ سوانح نگار آهي۔
حالات زندگی
مير محمد سومرو 3 جون 1946ع تي هنڱورجا، ضلعو خيرپور، صوبو سنڌ، برطانوي هندوستان ۾ مولانا اللہ بخش سومرو جي علمي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ۔ مذہبن جي علم ۽ اسلامي ثقافت ۾ايم اي جي ڊگريحاصل ڪئي ۔ بعد ۾ مولوي فاضل (عربي) ۽ بين الاقوامي اسلامي ينيورسٽي اسلام آباد جيماتحت ادارا دعوت اڪيڊمي مان خطيب جي مراسلاتي ڪورس پاس ڪيو۔ ملازمت جي ابتداء 1966ع تي پرائمري اسڪول ٽيچر جي حيثيت سان ڪئي۔ 1985ء ۾ اين اي بلوچ ماڊل اسڪول، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد، سنڌ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتان 2006ء تائين تدريسي خدمتون سر انجام ڏيڻ کانپوءِاسسٽنٽ پروفيسر جيعهدي سانرٽائر ٿيو ۔ ۔
ادبي خدمتون
مير محمد سومرو جو سڀ کان وڌڏو ڪارناموقرآن مجيد جيتفسير تفسيرِ رياض القرآن آهي ، جيڪو هن سنڌي ٻوليءَ ۾ تحرير ڪيو آهي۔ ٻين تصنيف ۾ هالۃ البدر في تحقيق احڪام السفر ( عربي)، دستورالاسلاف في اصلاح الاخلاف (اُردو) ۽تاريخ هنڱورجا (سنڌي) قابلِ ذڪر آهن۔ پاڻعربي، فارسي، سنڌي۽ اُردو ٻولين ۾ تصنيف، تاليف ۽ مضمونن جي تعداد ٻه سو کان وڌيڪ آهي۔
لکڻيون
- تفسيرِ رياض القرآن (سنڌي)
- هالۃ البدر في تحقيق احڪام السفر (عربي)
- دستورالاسلاف في اصلاح الاخلاف (اُردو)
- تاريخ هنڱورجا (سنڌي) (هنڱورجا شهر جي تاريخ)
- سلطاني سهاڳ (سنڌي)
- فضائلِ شبِ قدر (اُردو)
- جذبا تِ مقبول (شاعري، سنڌي)
- موتين جي مالا (سنڌي)
حوالا
- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (سنڌي) جلد اٺون، سنڌي لينگوئيج اٿارٽي حيدرآباد، سنڌ، ص 218