Faqir Muhammad Soomro
Quick Facts
Biography
حاجي فقير محمد سومرو (انگريزي:Haji Fakir Muhammad Soomro ) سنڌي ٻولي جو ليکڪ ، نثر نويس ۽ سفرناما نگار آهي.
زندگي جو احوال
حاجي فقير محمد سومرو مولوي الھ بخش سومرو جي گهر ۾ پهرين مارچ 1955ع ۾ جنم ورتو. سندس جنم سنڌ جي خيرپور ضلعو جي شهر هنڱورجا ۾ ٿيو. هن پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي شهر ۾ حاصل ڪئي
ادبي خدمتون
فقير محمد سومرو کي ننڍپڻ کان لکڻ جو شوق هو. هن مختصر مضمون لکڻ شروع ڪيا. سندس لکڻيون مختلف موضوعن تي اخبارن جي زينت بڻيون. سندس ٻه ڇپيل ڪتاب آهن. فقير محمد سومرو نه صرف قلم ڌڻي آهي پر هڪ بهترين هنرمند شخص آهي. هن مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي وڏڙن جي ڊکاڻڪي ڪرت شروع ڪئي. هن پنهنجي ڪرت ۾ وڏو نالو ڪمايو. هن عرب امارات، دبئي، ابوظهبي ۽ سعودي عرب ۾ پڻ ڊکاڻڪي هنر ۾ پاڻ مڃايو. هيءُ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ اوورسيئر رهيو ۽ رٽائرڊ ٿيو. علم ادب سان لاڳاپيل هئڻ سبب ڪتابن سان پڻ سندس چاھ رهيو آهي. هن جو والد مولوي الهه بخش سومرو پنهنجي وقت جو مشهور عالم ٿي گذریو آهي.
ڪتاب
- سومرن جو شجرو (تحقيق)، پيڪاڪ پبلشر ڪراچي، 2013ع
- روح پرور سفر (سفرنامو)
حوالا
- ↑ "سومرو حاجي فقير محمد : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-04-12.
- ↑ "رائٹرز ایم آئی ایس – پاکستانی اہل قلم". حاصل ڪيل 2020-04-12.
- ↑ "File:Faqeer Muhammad Soomro - Soomran Jo Shujro.jpg - Wikipedia". commons.wikimedia.org. حاصل ڪيل 2020-04-12.
- ↑ "سومرن جو شجرو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-04-15.
- ↑ Express.pk. "روح پرور سفر - ایکسپریس اردو". www.express.pk. حاصل ڪيل 2020-04-12.