Bodla Bahar
Quick Facts
Biography
بودلو بهار (انگريزيBodlo Bahar) (پيبائش: 1238ع- وفات: 1298ع) وڏو عالم هو. پاڻ هڪ درويش ۽ لال شهباز قلندر جي خاص خدمتگارن منجهان هو.
زندگي جو احوال
بودلي بهارجو اصل نالو مخدوم سڪندر ولد ديندار خان چنيهو هو. سندس تعلق ملتان سان هو. هيءُ بزرگ 602ھ مطابق 1238ع ۾ اُچ شريف شريف ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ ۾ کيس صوفي بزرگن جي صحبت نصيب ٿي. جواني ۾ ملتان کان سيوهڻ شريف آيو. صوفياڻي ۽ روحاني رمز ۾ مبتلا ٿيو ته روحاني رهبر جي تلاش ۾ شهر ۾ اگهاڙو گهمندو ڦرندو هو. جڏهن کيس قلندر لال شهباز جي قربت نصيب ٿي ته سندس شمار قلندر جي پيارن طالبن ۾ ٿيڻ لڳو. بودلو بهار سڄي عمر ڪنوارو ۽ مجرد رهيو. روايتن موجب کيس هنود ڪاسائي ڪُٺو هو. بودلي بهار جي درگاھ سيوهڻ جي قديم قلعي جي ويجهو، قلندر جي مزار جي اتر ۾ واقع آهي. سيوهڻ ۾ بودلي بهار جي نالي سان ڪافي پڻ آهي. بودلو بهار اڪثر ڳاڙهو لباس اوڍيندو هو جنهنڪري سندس متولي توڙي فقير ڳاڙهو لباس پائيندا آهن.
وفات
بودلو بهار 694ھ بمطابق 1298ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار ٿي فقير روزانو گنگهرو پائي ڌمال هڻندا ۽ رقص ڪندا آهن.