peoplepill id: hakim-ali-shah-bukhari
HASB
Pakistan
1 views today
2 views this week
Hakim Ali Shah Bukhari
Pakistani archaeologist

Hakim Ali Shah Bukhari

The basics

Quick Facts

The details (from wikipedia)

Biography

سيد حاڪم علي شاھ بخاري

سيدحاڪم علي شاھ بخاري (انگريزي ٻولي:Syed Hakim Ali Shah Bukhari)  سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جو ناميارو اديب، محقق، مورخ ۽ قديم آثارن جو ماهر هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال

سيد حاڪم علي شاھ سنڌ جي دادو ضلعو جي دادو تعلقو جي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ 15 فيبروري 1938ع تي سيد حاجن شاھ بخاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ڇٺيء جو نالو سيد علي اڪبر شاھ هو پر سندس والد اسڪول ۾ نالو حاڪم علي شاھ  لکرايو. هي استاد بخاري جو ننڍو ڀاءُ هو.

تعليم

هن پرائيمري تعليم ڳوٺ  غلام چانڊيو جي اسڪول مان حاصل ڪئي. هن 1950ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ انگريزي تعليم لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ داخلا ورتائين. هن 1957ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪيو. 1968ع ۾ پشاور يونيورسٽي مان آرڪيالاجي ۾ ايم اي ڪيائين.

نوڪري

اول ڊپٽي ڪمشنر دادوءَ جي آفيس  ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو. بعد ۾ 1964ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هاءِ اسڪول جوهي ءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. 1969ع ۾  بحيثيت ’گيلري اسسٽنٽ‘ موهن جو دڙو تي مقرر ٿيو. اهڙيءَ طرح آثار قديمہ کاتي ۾ 29 سال ملازمت ڪري، 14 فيبروري 1998ع ۾ اوڻويهين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو.

خدمتون

حاڪم علي شاھ چيئرمين شهباز ايجوڪيشنل سوسائٽي، صدر دادو آرٽس ڪلب، استاد بخاري اڪيڊمي دادوءَ جو فائونڊر ميمبر، دادو شهري اتحاد جو ميمبر، لال شهباز ڪمپيوٽر اڪيڊمي دادوءَ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو 2006ع کان ميمبر، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي بيورو آف ٽرانسليشن ۽ پبليڪيشنز جي پينل جو ميمبر، بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ نوابشاهه جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون.

ڪتاب

(1) Khirthar (English) ENI Pakistan Islamabad as Co-author

(2) سنگيت سنسار (فرهنگ موسيقي شريڪ ليکڪ)

(3) سنڌ جي قديم آثارن جي ڊڪشنري (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2008- شريڪ ليکڪ)

(4) آپ بيتي-جگ بيتي (محمد حسين پنهور جي سوانح جو انگريزيءَ مان ترجمو)

(6) Kalhora Period Architecture

(7) Sindh Archives 2006 Author

(8) ڏيهي پرڏيهي ساز (شريڪ ليکڪ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو)

(9) تعميرات جي لغت سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپائيءَ هيٺ آهي.

وفات

سيد حاڪم علي شاھ 13 مئي 2021 ع تي وفات ڪري ويو.

حوالا

  1. "سيد حاڪم علي شاهه بخاري : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-05-15. 
  2. "Renowned Archaeologist Hakim Ali Shah Bukhari Passed Away | Daily Outcome". حاصل ڪيل 2021-05-15. 
  3. Kalhoro, M. B. "Renowned archaeologist, historian Hakim Bukhari passes away". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2021-05-19. 
The contents of this page are sourced from Wikipedia article. The contents are available under the CC BY-SA 4.0 license.
Lists
Hakim Ali Shah Bukhari is in following lists
comments so far.
Comments
From our partners
Sponsored
Credits
References and sources
Hakim Ali Shah Bukhari
arrow-left arrow-right instagram whatsapp myspace quora soundcloud spotify tumblr vk website youtube pandora tunein iheart itunes