Mir Muhammad Soomro

Pakistan academic, poet, historian, writer
The basics

Quick Facts

IntroPakistan academic, poet, historian, writer
A.K.A.Maqbol
A.K.A.Maqbol
PlacesPakistan
isPoet Historian Interpreter Mufassir Writer Biographer
Work fieldLiterature Religion Science Social science
Gender
Male
Religion:Sunni islam
Birth3 June 1946, Hingorja; Sindh, Pakistan
Age78 years
Star signGemini
Education
University of Sindh
The details

Biography

مير محمد سومرو (انگريزي ٻولي: Mir Muhammad Soomro) (پيدائش 3 جون ، 1946ع) سنڌ سان تعلق رکندڙ حال حيات پاڪستاني شاعر، مورخ، مفسرِ قرآن، عالم دين، محقق، معلم ۽ سوانح نگار آهي۔

حالات زندگی

مير محمد سومرو 3 جون 1946ع تي هنڱورجا، ضلعو خيرپور، صوبو سنڌ، برطانوي هندوستان ۾ مولانا اللہ بخش سومرو جي علمي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ۔ مذہبن جي علم ۽ اسلامي ثقافت ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۔ بعد ۾ مولوي فاضل (عربي) ۽ بين الاقوامي اسلامي ينيورسٽي اسلام آباد جي ماتحت ادارا دعوت اڪيڊمي مان خطيب جي مراسلاتي ڪورس پاس ڪيو۔ ملازمت جي ابتداء 1966ع تي پرائمري اسڪول ٽيچر جي حيثيت سان ڪئي۔ 1985ء ۾ اين اي بلوچ ماڊل اسڪول، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد، سنڌ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتان 2006ء تائين تدريسي خدمتون سر انجام ڏيڻ کانپوءِ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي سان رٽائر ٿيو ۔ ۔

ادبي خدمتون

مير محمد سومرو جو سڀ کان وڌڏو ڪارنامو قرآن مجيد جي تفسير تفسيرِ رياض القرآن آهي ، جيڪو هن سنڌي ٻوليءَ ۾ تحرير ڪيو آهي۔ ٻين تصنيف ۾ هالۃ البدر في تحقيق احڪام السفر ( عربي)، دستورالاسلاف في اصلاح الاخلاف (اُردو) ۽ تاريخ هنڱورجا (سنڌي) قابلِ ذڪر آهن۔ پاڻ عربي، فارسي، سنڌي ۽ اُردو ٻولين ۾ تصنيف، تاليف ۽ مضمونن جي تعداد ٻه سو کان وڌيڪ آهي۔

لکڻيون

  • تفسيرِ رياض القرآن (سنڌي)
  • هالۃ البدر في تحقيق احڪام السفر (عربي)
  • دستورالاسلاف في اصلاح الاخلاف (اُردو)
  • تاريخ هنڱورجا (سنڌي) (هنڱورجا شهر جي تاريخ)
  • سلطاني سهاڳ (سنڌي)
  • فضائلِ شبِ قدر (اُردو)
  • جذبا تِ مقبول (شاعري، سنڌي)
  • موتين جي مالا (سنڌي)

حوالا

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (سنڌي) جلد اٺون، سنڌي لينگوئيج اٿارٽي حيدرآباد، سنڌ، ص 218
The contents of this page are sourced from Wikipedia article on 09 Jul 2020. The contents are available under the CC BY-SA 4.0 license.