Amar Fayaz Buriro

The basics

Quick Facts

Gender
Male
The details

Biography

تعليم

امر ابتدائي تعليم ڄاڃي ٻُرڙو جي هڪ مدرسي ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڄاڃي ٻرڙي مان حاصل ڪئي، پوءِ گورنمنٽ ناز هاءِ اسڪول خير پور ميرس مان 1983ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪري، گونمنٽ ڪالج آف ٽيڪنالاجي، خير پور ميرس مان مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما جي ڊگري، 1988ع ۾ حاصل ڪئي. اڳتي هلي نوڪريءَ دوران شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خير پور ميرس مان ماسٽرس ڊگري سوشيولاجيءَ ۾ پرائيويٽ اميدوار جي حيثيت سان حاصل ڪئي.

نوڪرين جو سفر

تعليم مان فارغ ٿي امر فياض ريڊيو پاڪستان جي انهن اوائلي انائونسرن مان هڪ هئو جن ريڊيو خيرپور تي شروعاتي پروگرام ڪيا. امر سن 1990 ۾ پاڪستان ريلويز ۾ سب انجنئير طور چونڊيو ويو ۽ 1999 تائين ريلويز ۾ ڪم ڪندو رهيو، پر اتي جي ماحول مان بيزار ٿي هن ريلويز ڇڏي ڏني ۽ بين الاقوامي معيارن کي پرکڻ واري اداري (ISO) ۾ انسپيڪٽر طور تي شامل ٿيو، وري ڪاسموس ڪميونيڪيشنز ۾ جنرل مينيجر جي نوڪري ڪندو يونائيٽيڊ نيشن ۾ ڪميونيڪيشن آفيسر طور ڪم ڪرڻ لڳو، اتان هن ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ مهارتون حاصل ڪندو نيٺ پهريون ڀيرو اردو نستعليق نالي ”امر نستعليق“ جو بنياد وڌو، ۽ ڪراچي جي هڪ نجي يونيورسٽيءَ ۾ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي طور کنيو ويو. هاڻي هو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي اهم شاخ لئنگئيج انجنيئرنگ سان سلهاڙيل شعبي جو انچارچ آهي.

ڪارناما

  • 1996 ۾ پاڪستان جي وڏي سنڌي کان انگريزي ڊڪشنري کي مرتب ڪيائين. جيڪا لاهور جي اشاعتي اداري اوريئٽل بڪ سوسائٽيءَ وارن 2008 ۾ ڇپي پڌري ڪئي.
  • اردو ٻوليءَ جو پهريون نستعليق فانٽ امر ٺاهيو جنهن جو نالو پنهنجي نسبت سان ”امر نستعليق“ رکي پڌرو ڪيائين جيڪو انتهائي هلڪو هئو ۽ جيڪو ويب سائيٽن تي لڳي پئي سگھيو.
  • سنڌي ٻولي کي ويب پيج تي ٽڪسٽ بيسڊ ڪيو. جيڪو ڪم سنڌي ڪمپيوٽنگ جي بانيڪار عبدالماجد ڀرڳڙيءَ پنهنجي ويب سائيٽ کي امر کان ئي ٺهرايو.
  • سنڌي ٻولي کي گوگل جي ٻولين واري فهرست ۾ شامل ڪرائڻ ۾ مرڪزي ڪرردار ادا ڪئين.
  • سنڌي ٻوليءَ جي اکرن کي جاوا ۽ اجڪس ۾ پهريون ڀيرو شناخت ڏنائين جنهن سان ويب جي پروگرامنگ پاڻمرادو سنڌي ٻولي محسوس ڪري ان جي سڌائي ۽ فانٽ کڻي سگھي.
  • امر فياض پنھنجي ٽيم جي اڻٿڪ محنتن کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جو پھريون او سي آر بڻائي عام ڪيو.

    حوالا

    The contents of this page are sourced from Wikipedia article. The contents are available under the CC BY-SA 4.0 license.